اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان جي توانائين کي مثبت رخ ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ??ري رهيا آهن، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ??ري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ڊيره اسماعيل خان سان تعلق رکندڙ ۽ ويجهڙ ۾ گينز بڪ آف ورلڊ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پنج سالن جي سفيان محسود ملاقات ڪئي. ان موقعي ت?? و??يراعظم شهباز شريف چيو ته سفيان محسود ننڍي عمر ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۽ پنهنج?? و??لدين جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد ۽ لاڳاپيل عملدارن کي نوجوانن کي راندين جون وڌيڪ سرگرميون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي توانائين کي ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ??ري رهيا آهيون، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ??ري رهيا آهن. ان موقعي تي سفيان محسو?? چيو ته مستقبل ۾ سائنسدان بڻجي پاڪستان جو نالو روشن ڪندس، وزيراعظم سفيان محسود سان سندس مادري ٻولي پشتو ۾ ڳالهايو. وزيراعظم سفيان محسود ج?? و??لد عرفان محسود سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو 100 کان وڌيڪ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ هولڊر آهي. مارشل آرٽس ۾ مهارت رکي ٿو ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ان حوالي سان تربيتي اڪيڊمي هلائي رهيو آهي. سفيان محسود ج?? و??لد عرفان محسود وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين ۽ جسماني تربيت جي پنهنجي اڪيڊمي ۽ ان جي تربيت ياف??ه رانديگرن جي ڪاميابين جي حوالي سان آگاهه. وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سفيان محسود ج?? و??لد جي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين جي اڪيڊمي سان حصيداري جي هدايت ڪندي چيو ته يوٿ پروگرام سڄي ملڪ ۾ مختلف راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاق?? و??ير عطا تارڙ، آءِ ٽ?? و??ري مملڪت?? و??ير شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود احمد ۽ رومينه خورشيد عالم ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به شريڪ هئا.