اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ??ان??ن، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو ??ان??ن انگريز جي دؤر کان هلندو پيو وڃي، جڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون ??وڪلون ڏنيون ??ينديون ??يون، حڪومت جڏهن ??ان??ن آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ جج?? جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته هي بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪروڙ هئي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر علي خان چيو ته قاعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهجي، جج?? جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪومتي بل ذريعي ممڪن آهي. ??ان??ن واري وفاقي وزير چيو ته جج?? جي انگن جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جج?? جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبادي تي 12 جج?? آهن، جج?? جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪ??يٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ جج?? جو انگ وڌائڻ جي تجويز آئي هئي، جنهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 جج?? جو اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ ??ان??ن شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان نه ڏسڻ گهرجي.