اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستاني بندرگاهن کي دنيا جي 50 بهترين بندرگاهن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي اقتصادي ستحڪام لاءِ مضبوط لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر مُک حيثيت رکي ٿو. بندرگاهن جي ڪارڪردگي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچيءَ جي بندرگاهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن بابت سيڪريٽري، سيڪريٽري ريلوي، منصوبا بندي ڪميشن جا ميمبر ۽ لاڳاپيل و??ار??ن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته پاڪستان جي اقتصادي استحڪام لاءِ مضبوط لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر نهايت اهم آ??ي. ??ندرگاهن جي ڪارڪردگي سڌيءَ ريت روانگي واپار وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آ??ي. ??يڪڏهن بندرگاهون مؤثر ۽ جديد هونديون ته اهي نه صرف واپاري سرگرمين کي هٿي ڏين ٿيون پر ملڪي معيشت کي به مستحڪم ڪن ٿيون. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ پرڏيهي واپار کي آسان بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان لاءِ پاڪستان کي پنهنجي بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اقتصادي ترقيءَ جون راهون هموار ڪري سگهجن. هن چيو ته سامونڊي معاملن واري و??ار?? جو ايڪشن پلان بندرگاهن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ ڪليئرنس ۾ دير جي خاتمي لاءِ انتهائي ضروري آ??ي. ??ديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي بندرگاهن جي ڪاررواين کي منظم ڪيو وڃي، جنهن سان دستاويزي ڪارروايون تيز ٿينديون. عملي جي تربيت، بندرگاهن جي عمل کي جديد فني مهارتن جي تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو تيز رفتار ڪليئرنس جي عمل ۾ مهارت حاصل ڪري سگهن. مختلف و??ار??ن، ايجنسين ۽ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏين ته جيئن سمورن مرحلن ۾ رابطا قائم ٿي سگهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 77 سالن ۾ ايڪسپورٽ تي ٻَڌل اقتصادي پ??ليسي نه اختيار ڪري سگهيو، اسان جو ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع سياسي حادثن جي ور چڙهيو، هاڻي اسان ايڪسپورٽ تي ٻَڌل معيشت طرف سفر شروع ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پ??وگرام ذريعي پ??ڪستان کي 3 سالن لاءِ انشورنس پاليسي ملي وئي آهي، پوري قوت سان اسان کي اقتصادي ترقي کي وڌائڻو پوندو، نيشنل گروٿ اسٽريٽجي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو مرڪزي ڪردار هوندو. هن چيو ته دنيا ۾ هر ڪامياب ملڪ پرڏيهي ناڻي کي وڌائي اقتصادي ترقي ڪري رهيو آهي. گوادر، ڪراچي، چابهار ۽ بن قاسم بندرگاهن کي دنيا هڪ سونهري موقعي طور ڏسي، سامونڊي معاملن واري و??ار?? کي پنهنجو اهميت وڌائڻ جي سخت ضرورت آ??ي. ??امونڊي معاملن بابت پاليسي جو جامع فريم ورڪ بنائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستاني مال کي پ??ڪستاني سامونڊي ٻيڙن ذريعي ٻين ملڪن تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته اسان جو معاشي مرڪز صرف ۽ صرف ايڪسپورٽ هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان تازو آءِ ايم ايف معاهدي مان فائدو نه کنيو ته ايندڙ وقت اسان کي وڌيڪ اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻو پوندو.