اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اي??ان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال?? صوبي جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر صوبي ۾ ا??ن امان، معاشي استحڪام سميت عوام جي ڀلائي بابت کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي گورنر صدر آصف علي زرداري کي سوات ۽ مالم جبا جي وچ ۾ غيرملڪي سفارتڪارن جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۽ صوبي جي ڏاکڻي ضلعن توڙي ضم ڪيل قبائلي ضلعن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي ۽ ا??ن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي آگاهي ڏني. صدر آصف علي زرداري صوبي جي بهتري جي لاءِ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.