اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وز??ر محسن ??قوي سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي جنهن ۾ بارڊر مينيجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ سهڪار وڌائڻ، پاڪستان ڪر??يٽ ??ورڊ ۽ آسٽريل??ن ڪرڪيٽ ??ورڊ وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسلام آباد ۽ ڪينبرا ۽ پسگردائي وارن علائقن تي ٻڌل آسٽريلين ٽيريٽري کي جاڙن شهرن جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وز??ر محسن ??قوي گهرو وزارت اچڻ تي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وز??ر محسن ??قوي چيو ته پاڪستاني ٽيم 30 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي، اميد آهي ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀرپور راند ڏسڻ لاءِ ملندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عورت رانديگرياڻين کي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري ڪئي ويندي.آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر خاطري ڪرائي ته آسٽريليا ٽريننگ، عورتن ۽ نابين ماڻهن جي ڪر??يٽ ۾ سهڪار ڪندو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر گهرو وز??ر محسن ??قوي کي آسٽريلوي ٽيم جون صحيحيون ڪيل ڪر??يٽ ??يٽ پڻ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وز??ر محسن ??قوي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پوري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا آسٽريليا سميت سمورن ملڪن ڏانهن ٿيل انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي صلاحيتن ۾ اضافي تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان آسٽريليا جي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وز??ر آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو اجلاس ڊسمبر ۾ آسٽريليا ۾ منعقد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي گهرو وز??ر محسن ??قوي چيو ته افغان پناهگيرن جي آسٽريليا منتقلي ۾ پاڪستان هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.