اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ترجيح ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسرائيل ??ازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني ??حران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل ??زه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن س??ن بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ??رو??ي آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني ??حران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.