اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جماعت اسلامي جي اڳوڻي نائب امير محمد اسلم سليمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪ??دي چيو ته محمد اسلم سليمي هڪ معتبر ۽ اعليٰ درجي جو سياستدان هو. محمد اسلم سليمي جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياست هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي وئي آهي.