اسلام آباد – 24 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي ??دايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئين مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاشين ملاقات ڪئي. وزي??اع??م چيو ته مون کي اطمينان آهي ته توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ذريعي ٿي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري اربين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوالي سان پڻ موقعا ڳوليو. آفيسرن وزي??اع??م کي ??نهنجي لاڳاپيل اسٽيشنز جي حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزي??اع??م آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزي??اع??م جو خاص معاون طارق فاطمي، وزي??اع??م جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.