اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي)ناڻي واري مملڪ??ي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش ب??ائ?? لاءِ ڪوشسون ڪري رهيا آهيون. سينيٽ ا??لا?? ۾ عبدالشڪور اچڪزئي، ضمير گهمرو، دنيس ڪمار، ڪامران مرتضيٰ جي سوالن جو جواب ڏيندي هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جو پنهنجو بورڊ آهي جنهن ۾ آئين ۽ قانون تحت ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن، ڪا ڪوٽا ناهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي ملازمن جو انگ 3367 آهي، بلوچستان کي ڪنهن به صورت ?? نظر انداز ناهي ڪيو وي??دو?? اشتهارن ۽ شارٽ لسٽنگ کانپوءِ ميرٽ ۽ شفافيت تحت ڀرتيون ٿينديون آهن، ميرٽ تي ڀرتين سان ادارا ترقي ڪندا، آئين ۽ قانون تي عمل ڪنداسين، خودمختيار ادارن کي منافعي بخش ب??ائ?? لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.