اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آه?? ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن ??ي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آه??، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن آه??. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن ??ي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آه??. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آه??. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن معاشري ۾ عورت ڪمزور آه?? اهو معاشرو ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع ج?? آئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آه??.