اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغانستان پاران دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث گروپن ۽ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي ??طالبي جو ورجاءُ ڪندي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستاني عوام جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگردي جو خطرو، جنهن جو اسان کي افغانستان ۾ تنظيمن ۽ ماڻهن پاران درپيش آهي، جي حوالي سان پاڪستاني عوام جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نه رڳو پاڪستان پر ماسڪو فارميٽ ۽ پاڙيسري ملڪن جي رياستن پڻ افغان عملدارن جي ذميواري قرار ڏنو آهي ته اهي اهڙن گروهن جي خلاف ڪارروائي ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته انهن جي سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي. ترجمان پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي جي ??اءِ پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ ڪنهن به گڏيل سيڪيورٽي مڪينزم بابت خبرن کي ”قياس آرائيون“ ۽ ”ايجنڊا تي ٻڌل“ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ ميڊيا تي زور ڏنو ته اها اهڙي طرح جي خبرن جي ??ٺيان سببن جو پتو لڳائين ڇو ته آئرن برادرز ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر هجڻ جي ??اطي پاڪستان ۽ چين گڏيل تعاون ۽ هڪ ٻئي جي خودمختياري جي احترام تي ٻڌل مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون رکون ٿا. هن چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي ??طرفن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکن ٿا. گذريل هفتي دوران ٿيندڙ سفارتي سرگرمين تي روشني وجهندي ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي 11 کان 22 نومبر تائين باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ??وسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي ڌرين جي 29هين ڪانفرنس جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي وزيراعظم عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۽ سمٽ جي اعليٰ سطح جي سائيڊ لائين ايونٽس کي خطاب ڪيو. جن ۾ پاڪستان جي ??يزباني ۾ ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس ۽ گليشيئرز 2025ع، تاجڪستان جي ??يزباني ۾ گليشيئرز جي ??اءِ ايڪشن پڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ان اعليٰ سطح ??ي تقريب ۾ پاڪستان جي ??مائندگي ڪ??ي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي کي منهن ڏيڻ کانسواءِ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ خطرن جي ??اءِ وقت کان اڳ وارننگ سسٽم جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آذربائيجان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات ۽ نيپال جي صدرن، برطانيا، چيڪ جمهوريه ۽ ڊينمارڪ جي ??زيراعظمن، چيني نائب وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر سان وزيراعظم جي ??لاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. ترجمان رياض ۾ منعقد وچ اوڀر جي صورتحال تي غيرمعمولي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت کان ميڊيا کي آگاهه ڪيو جتي پاڪستان غزه جي ??سل ڪشيءَ، فلسطين ۽ لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ ايران تي تازن حملن جي ??ذمت ڪئي. ترجمان چيو تهپ اڪستان عرب اسلامڪ سمٽ پاران منظور ڪيل قرارداد جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ اڳوڻن پاڪستان سميت ملڪن جي ???? گروپ پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل ۾ اسرائيل تي هٿيارن جي ??ابندي هڻڻ، پابنديون هڻڻ ۽ اسرائيل جي غيرقانوني قدمن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ خطري جي ڏس ۾ ان جي شرڪت معطل ڪرڻ جي گڏيل مطالبي ??ي توثيق ڪئي آهي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها ان مطالبي تي ڌيان ڏي ۽ عالمي قانونن جي ??اسداري ڪ??ي، انساني حقن ۽ فلسطيني عوام جو تحفظ ڪري. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته روسي صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندو ضمير ڪابلوف پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، هو پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقات ڪندو ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري افغانستان ۽ اولهه ايشيا سفير احمد نسيم وڙائچ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ افغانستان جي صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??روغ ۾ پاڙيسري ملڪن جي ڪ??دار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ترجمان ممتاز زهره بلوچ ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو ورجاءُ ڪيو ڇو ته انهن قيدين جو هڪ وڏو انگ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کان ٻاهر قيد آهي، انهن مان ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ غيرانساني حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ پرهجوم قيدين وارن سيلز ۾ قيد ڪرڻ، ضروري طبي س??رس??ڀال کان انڪار ۽ مناسب ڪارروائي کانسواءِ مسلسل حراست ۾ رکڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي سمورن سياسي قيدين، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ??حافظن جي خلاف هٿ ٺوڪيا الزام ختم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان اعلان ڪيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات ۾ 15 کان 17 نومبر تائين منعقد ٿيندڙ 15هين سربني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو جتي هو علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ پائيدار ترقي جي اهم معاملن تي عالمي اڳواڻن ۽ ماهرن سان اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو پيچيده علائقائي چئلينجن جي سفارتي حل کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ موقف تي پڻ روشني وجهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن گذريل ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ) سربراهه اجلاسن ۾ ڪيل واعدن کي پورو نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ) هڪ اهم فورم آهي جتي اسرندڙ ملڪن مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ??اعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ترقي يافته ملڪن جي ??اڪامي کي اجاگر ڪيو.