اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته کاڄرو تيل جي مقامي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ منصوب?? ضروري آهن، کاڄرو تيل جي امپورٽ تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان بناسپتي مينيوفيڪچررز ايسوسيئيش?? جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. و??اق?? وزير وفد کي کاڄرو تيل جي پاليسي لاءِ تجويزون ٻن کان ٽن ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. و??اق?? وزير وفد کي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان ڊيوٽي ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهي?? جي خاطري ڪرائي. ڄام ڪمال خان چيو ته چانور جي بوسي مان تيل ڪڍڻ لاءِ منصوبه به غور هيٺ آهي، کاڄرو تيل جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي. هن چيو ته کاڄرو تيل جي صنعت کي درپيش چئلينجز تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي.