اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) اڏار پاڪستان منصوبي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي 5 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ??يو ويو آهي جڏهن ته 2025ع کان 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو ڳاڻيٽو هڪ کرب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ??يو ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 81 م??ين?? جي گهٽ ترين 4.1 سيڪ??و جي سطح تي آهي. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون اڄ عالمي ادارن جي اميدن کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن، ڏيوالپڻي جي خطرن جي ور چڙهيل معيشت اڄ مستحڪم ترين معيشتن ۾ شامل آهي. مهانگائي 81 م??ين?? جي گهٽ ترين 4.1 سيڪ??و جي سطح تي آهي. ڊسمبر 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 29.7 سيڪ??و جي سطح تي هئي. مالي سال 25 جي پهرين 6 م??ين?? ۾ معيشت استحڪام سان مضبوطي جو سفر طئي ڪري چڪي آهي. مالي سال 25ع جي پهرين 5 م??ين?? ۾ پرڏيهي ملڪن مان موڪليل ناڻو 15 ارب ڊالر جي مثالي سطح تي آهن، مالي سال 25ع جي تڪميل تائين مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچڻ جي اميد آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 22 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مثبت سطح تي آهي، جيڪا پور دنيا جي بهترين ڪارڪردگي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سڄي دنيا ۾ ٻي ۽ ايشيا ۾ پهرين بهترين ڪارڪردگي واري اسٽاڪ ايڪسچينج آهي. سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر کان بهتر ب??ائڻ جي سفر ۾ 9 سيڪ??و جي تاريخي گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان 13 سيڪ??و جي سطح تي آندو ويو. هلندڙ مالي سال پهرين ڇهه ماهي ۾ روانگي واپار 10.52 ۽ آمدني واپار ۾ 6.11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 م??ين?? ۾ روانگي واپار 10.52 سيڪڙو وڌيو جڏهن ته ڊسمبر 2024ع ۾ سالياني بنيادن تي 0.67 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 م??ين?? ۾ روانگي واپار 6.11 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو. اڏام پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ پنج ۽ ڊگهي مدي ۾ 2035ع تائين جا معاشي هدف مقرر ??يا ويا آهن مثال طور ملڪي واڌ جي شرح ۾ ايندڙ پنج سالن ۾ 6 سيڪڙو اضافي جو هدف مقرر ??يو آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ يعني 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي سائز هڪ ٽريلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ??يو آهي. اڏام پاڪستان پروگرام جو مقصد ايڪسپورٽ يعني روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي جوڙڻ ، ٻيو ملڪن ۾ ڊجيٽل انقلاب آڻڻ، ٽيون ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ آهي، چوٿون شعبو جنهن تي ڌيان ڏنو ويندو اهو انرجي ۽ انفرااسٽرڪچر جو آهي جڏهن ته پنجون ايڪويئٽي تي ٻڌل معاشري جي تعمير آهي. اڏام پاڪستان تحت سڀ کان پهرين روانگي واپار کي ايندڙ پنج سالن ۾ 60 ارب ڊالر ساليانو تائين پهچائڻ آهي، اڏام پاڪستان تحت ايندڙ پنج سالن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي پنج ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ??يو ويو آهي جنهن لاءِ ساليانو 2 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس تيار ڪيا ويندا. اڏام پاڪستان منصوبي ۾ ايندڙ پنجن سالن ۾ گرين هائوس گيسز ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو هدف مقرر ??يو ويو آهي، پوکي جوڳي زمين ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ 10 ملين ايڪڙن تائين جو اضافو ڪرڻ آهي، توانائي جي شعبي ۾ تجديد جوڳي توانائي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ آهي، اڏام پاڪستان جي دستاويزن موجب ??رب?? جي شرح ۾ 13 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻي آهي، اڏام پاڪستان منصوبي ۾ عوامي حصيداري لاءِ پبلڪ، پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وڏي پئماني تي ترقياتي منصوبا به ان پروگرام جو حصو آهن.