اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پنج ساله ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو مع??شت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، منصوبي جو مقصد جديد مع??شت وارا سڌارا ۽ ڊگهي ??ُد?? جي حڪمت عملي ذريعي پاڪستان کي مالي خودمختياري طرف وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اطهار هن ڪالهه ”اُڏام پاڪستان“ جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ جامع سڌارن ۽ قدمن تي ٻَڌل آه??. ه?? امن امان، سياسي ۽ معاشرتي استحڪام ۽ مسلسل سڌارن واري عمل ذريعي ترقيءَ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسين جي هم اهنگي ۽ مستقل مزاجي اهم عمل آهن ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو مع??شت کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي 2047ع تائين 3 کرب ڊالرن جي مع??شت ۽ 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، روانگي واپار ۾ ميڊ اِن پاڪستان شين جي روانگي واپار تي ڌيان ڏنو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي کي مع??شت جو حصو بڻائڻ ۽ ”ٽيڪنو معيشت“ کي هٿي ڏيڻ آه??. ه?? چيو ته زراعت جي ميدان ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏيڻي آهي، معدنيات جي شعبن ۾ بلوچستان جا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ قدمن تي خاص توجهه ڏني ويند??. ه?? چيو ته بليو اڪانومي ۾ فشنگ ۽ سامونڊي وسيلن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ثقافتي صنعت، تخليقي ۽ ثقافتي شعبن جي ترقي به شامل آهن. هن چيو ته نجي شعبي جي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران اُماڻيل ناڻي ذريعي حصو وِجهڻ جي ترغيب ڏني وئي. احسن اقبال ايڪسچينج ريٽ جي استحڪام کي ملڪي مع??شت لاءِ مُک قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو ڀاڙڻ روانگي واپار ۾ واڌ تي آه??. ه?? چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ـ ميڊيا ذريعي هڪ قومي تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو ته جيئن نوجوان نسل ۾ روانگي واپار جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهج??. ه?? ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ”اُڏام پاڪستان“ منصوبو هڪ جامع حڪمت عملي آهي جيڪا مع??شت جي مختلف رُخن کي گڏائي پائيدار ترقي جي راهه هموار ڪندو، هي منصوبو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي استحڪام لاءِ هڪ واضح لائحه عمل فراهم ڪري ٿو.