اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پ??ليس اڪيڊمي ??ي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير نيشنل پ??ليس اڪيڊمي ??و تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن ??اء?? فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنس??ٽن?? جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پ??ليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي ??ي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيشنل پ??ليس اڪيڊمي ??ي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ ??اء?? فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پ??ليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پ??ليس اڪيڊمي ??ي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ ??اء?? مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پ??ليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت ??اء?? اچي سگهن.