اسلام آباد-03 جنوري (ا?? پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فض?? الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کا?? پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کا?? انڪار ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا فض?? الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس مل??قا?? ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اعتبار سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم آهنگي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مولانا فض?? الرحمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو. هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي کي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا فض?? الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.