اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪجهڙي ۽ معياري تعليم جو فروغ وزيراعظم عمران خان جو مشن آهي، غريبن ۽ محرومن جي حقن جو ضامن احساس پروگرام تحت اهل ۽ حقدار شاگردن ک?? 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? اهي وظيفا انهن خاندانن جي شاگر??ن ۾ ورهايا ويندا جنهن جي آمدني 45000 روپين کان گهٽ آهي.