اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه ڀارت ۾ مسلمانن جي قتل ??ام تي امام علي خامنه اي جي رد عمل کي ساراهيون ٿا ۽ اسان اتفاق ڪريون ٿا ته ان خطرناڪ مسئلي تي متحد م??قف جي ضرورت آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نازي شدت پسندي ۽ ميانما?? جي تاريخ کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ??ه ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشي طرف وڌي رهيو آهي، اسان کي گڏجي دنيا کي اها هڪجهڙائي نظر انداز نه ڪرڻ ڏينداسين.