اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي ??هي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي ز??دگ??ن سان گڏوگڏ ٻين جي ز??دگ??ن کي به خط??ي ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري ??هي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آ??ي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪورونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح ??هي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل ??هي ته اهو پوليس جو آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳ??له??ئيندي ڪيو.