اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي پائيدار ترقي بابت اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي اهم سالياني پائيدار ترقي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ڪوويڊ – 19 دوران ??ائيدار ترقي، ج?? عنوان ??يٺ اهم چئن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي 17 ڊسمبر تي وزيراعظم عمران خان جي پڄاڻي واري خطاب سان ??يندي. آن لائن ڪانفرنس دوران ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون، هدفن ۽ انساني زندگي ۾ بهتري جا موضوع بحث هيٺ ايندا. اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ??ختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماهر شرڪت ڪندا.