اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف جعلي فليگ آپريشن جي بيوقوفي ڪئي وئي ته ان جو هر سطح تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت پاران 2020ع ۾ لائن آف ??نٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جون ٽي هزار خلاف ورزيون ڪيون ويون آهن، هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي نت??جي ۾ 276 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جنهن مان 92 عورتون ۽ 68 ٻار شامل آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته گڏيل ??وم?? جي پاڪستان ۽ انڊيا بابت فوجي مبصر گروپ جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ان گاڏي تي گڏيل ??وم?? جو واضح نشان ۽ نيرو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، ڀارت جو اهو قدم ڪنهن به ذميدار رياست جي قدرن، عالمي ۽ گڏيل ??وم?? جي قانونن کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.