اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي ب??اب?? حقن کي يقيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گ??مزن آهي، اسلامي تاريخ، آز??دي جي تحريڪ ۾ عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ق??نونسازي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي معاشرتي تحفظ حاصل هجي. هو ايوان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.