اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت ??لي??شن ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي با??ي ۾ حتمي فيصلو ??لي??شن ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم?? جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر م??مد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي ??لي??شن ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنر?? خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪم?? جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.