اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صح??في?? جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بل??ول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان جو نقصان صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز کي ٿي رهيو آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صح??في?? کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صح??في??، ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز جي ت??بي?? کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي ??ستحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صح??في?? ۽ ميڊيا ورڪرز کي پنهنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بل??ول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بل??ول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته بل??ول ٻڌائي ته سنڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صح??في?? تي حملن ۽ صح??في?? جي قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي ??ي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، انهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سنڌ ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، بل??ول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي عوام کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.