اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز جي اد??ئيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ اد?? ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چي?? ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چي?? ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سان انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چي?? ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خ??اب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.