اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيوي?? بئنڪن کي شڪا??ت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيوي?? بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪا??ت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪا??ت ڪندڙن پنهنجي بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ??را??سفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائيوي?? بئنڪن کي رقم واپس ڪ??ڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪن ??ي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائيوي?? بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪ??را??ڪ فنڊ ??را??سفر جي سهولت فراهم ڪ??ڻ جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيوي?? بئنڪن کي شڪا??ت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.