اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي سگهه رکن ٿا، ورچوئل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لا??قن جا شاگرد آن لا??ن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچوئل يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لا??ن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کا?? آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته في الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 کا?? وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري رهي آهي، ان کا??سواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورسٽي جي لا??ِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ ٽائم لا??ينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها ورچوئل ايجوڪيسن جي لا??ِ پنهنجي پاليسي کي حت??ي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.