اسلام آباد – 07 ̵1; آ??ٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا متعرف آهي. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيراعظم کي ڊا??ٽر?? جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لا??يس??نسنگ ايگزام (اين ا??ل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.