اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپٽ نظام جي ??يداوار اپوز??شن پارٽيون ت??ديلي جي ??خالف آهن پر اسان ت??ديلي آڻينداسين، آزاداڻي، صاف ۽ شفاف چونڊون جمهوريت جو بنياد آهن، پاڪستان جي گذريل 50 سالا تاريخ ۾ هر اليڪشن تڪرار ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي جي الزامن جو خاتمو ٿيندو، اليڪشن ڪم??شن ۽ مخالف ڌر پاران اي وي ايم جي ??خالفت بنا جواز آهي، مافياز سان وڙهڻ کانسواءِ ڪا قوم ترقي جي سفر تي گامزن نه ٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ ميمبر تبديلي جو ساٿ ڏين، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي ??نزل حاصل ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آئُون پنهنجي ۽ اتحادي پارٽين جي ??يمبرن کي ڀليڪار چوان ٿو. هن چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ جو مقصد پاڪستان کي مثالي فلاحي رياست بڻائڻ هو، قائداعظم جو خواب هو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ ۽ دنيا جي ??اءِ مثال بڻجي، حضور اڪرم ﷺ پهرين فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ اسلامي معاشري ۽ رياست جا اصول جوڙيا، حضور اڪرم ﷺ پوري دنيا جي انسانن جي ??اءِ رحمت بڻجي آيا ۽ دنيا کي اهي رهنما اصول ڏنا جن تي عمل ڪري ڪا به قوم ترقي ۽ ڪاميابي جي ??نزل حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته قومون اخلاقيات جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن، جيڪي قومون اخلاقي بلندي تي هونديون آهن انهن کي ائٽم بم هڻي به ختم نه ٿو ڪري سگهجي، جرمني ۽ جاپان ت??اهي جو شڪار ٿيڻ جي باوجود ترقي ڪئي ڇو ته انهن جي اخلاقيات بلند هئي جڏهن ته بيروت جنهن کي پيرس آف مڊل ايسٽ چيو ويندو هو اڄ ڪرپشن جي ڪري ناڪام رياست آهي. وزيراعظم چيو ته 1970ع کانپوءِ سموريون چونڊون تڪراري ٿيون ڇو ته هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ڪندو هو، اسان پارليامينٽ جي تازي س??شن ۾ جيڪو بل آندو آهي ان جو مقصد عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ آهي، سڌارا ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، 50 سالن ۾ صاف شفاف چونڊن جي ??اءِ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي، اسان 2013ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ثابت ڪرڻ جي ??اءِ رڳو چار تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي تسليم نه ڪيو ويو جنهن جي خلاف اسان 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو، چئن تڪن کان اسان جي حڪومت ٺهڻي نه هئي، اسان جو مقصد اهو هو ته اڳتي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ اڳوڻي حڪومت جوڙي وئي اليڪشن ڪم??شن هئي پر انهن ئي ڌانڌلي جو الزام به هنيو. وزيراعظم چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڇا ٿيندو آهي سڀني کي خبر آهي، پئسا وٺڻ جي ??ڊيوز ڏيکاريون ويون پر ڪجهه نه ٿيو، اليڪشن ڪم??شن به ڪو نوٽيس نه ورتو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ??و ته اسان جي اخلاقيات ڪٿي پهچي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ت??ديق ٿيل ووٽ جي ڳالهه ٿي ته سڄي اپوز??شن مخالفت ڪئي، اسان چاهيون ٿا ته سينيٽ ۾ اوپن بيلٽنگ ٿئي، ڳجهي راءِ شماري ۾ پئسو هلي ٿ?? ان لاءِ اپوز??شن جي ان جي حمايت ڪري ٿي، اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي ??اءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊون شفاف ٿين، چونڊ عمل ختم ٿيڻ کانپوءِ رزلٽ جي عمل دوران ڌانڌلي ٿئي ٿي، ڊبل اسٽيمپ ڪري هارايو وڃي ٿو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڌانڌلي ختم ڪري سگهجي ??ي. وزيراعظم چيو ته اپوز??شن کي بار بار چونڊ سڌارن جي حوالي سان ت??ويزون ڏيڻ جي دعوت ڏني پر ڏيڍ سال کان اپوز??شن چونڊ شفافيت جي حوالي سان ڪا تجويز نه ڏني، ان جي ابتڙ اپوز??شن ۽ اليڪشن ڪم??شن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي بنا جواز مخالفت ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان هي بل پنهنجي ??اءِ نه آڻي رهيا آهيون پر سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ آڻي رهيا آهيون ڇو ته ان سان چونڊ تڪرار ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سدائين سڌارن جي ??خالفت ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته انصاف ڪرڻ جي اخلاقي قوت نه رکندڙ قوم ڪڏهن به عظيم نه ٿي بڻجي سگهي، اخلاقي قوت کانسواءِ طاقتور مافياز کي قانون جي ??اتحت نه ٿو آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ سسٽم جي ??يداوار اپوز??شن پارٽيون ت??ديلي آڻڻ نه ٿيون چاهين پر اسان ت??ديلي آڻي رهنداسين، پارليامينٽ ميمبر ان معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيراعظم چيو ته مافياز اهڙو سسٽم نه ٿا چاهين جنهن سان انهن جو پئسو نه هلي سگهي ان جي ??اءِ پارليامينٽ ميمبر صاف ۽ شفاف اليڪشن منعقد ڪرڻ جي ??اءِ قانونسازي جي حمايت ڪن.