اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري ??واز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شميم جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ تمام وڏو حملو آهي جيڪو شريف خاندان پاران ڪيو ويو آهي، (ن) لي?? جي ناصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ٺاهي هئي اڄ تائين ان کي بطور ثبوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. هو وز??را??ظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) لي?? جو شيوو آهي، (ن) لي?? ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) لي?? جا پراڻا طور طريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي وڊيو اڄ تائين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وز??را??ظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدائين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرا??ڪ ووٽنگ مشين سدائين جي لاءِ چونڊ ڌانڌلي جو رستو روڪڻ وڃي رهي آهي.