اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي صحافت تي بنيادي طور تي ميڊيا جي سيٺن جو ڪنٽرول آهي، وڏن گروپن ڪالهه ??شتهارن جي ڊيٽا ڇاپڻ جي جرئت نه ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ميڊيا جي آزادي جي نالي تي بليڪ ميلنگ جا قلعا تع??ير ڪيا ويا آهن جنهن کي ڊاهڻ پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، هن چيو ته سياسي سڌارن جي ايجنڊا ۾ ميڊيا جو احتساب لاز??ي هجڻ گهرجي.