اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي جي فروغ لاءِ جامع ڪوششن تي زور ڏيندي سمورين ڌرين کي چيو آهي ته هو آبادي بابت ايڪشن پلان تحت مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ملڪ ۾ آبادي ۾ خطرناڪ اضافي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، سنڌ جي صحت وا??ي وزير ڊ??ڪٽ?? عذره فضل پيچوهو، پنجاب جي آبادي وا??ي وزير ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊ??ڪٽ?? قبله اياز، پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي صوبائي چيف سيڪريٽرين، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل اسلام آباد ڊ??ڪٽ?? سبينه دراني ۽ يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري ري پريزنٽو ڊ??ڪٽ?? زيبا ستار، ٽيڪنيڪل ماهرن، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي صحت وا??ي وزارت آبادي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي چوٿين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتون وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهيون آهن، ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪري رهيون آهن ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي لاءِ انساني وسيلن کي تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو يو ته عالم سڳورن، خطيبن ۽ مذهبي اڳواڻن کي خاص طور تي پنجاب صوبي ۾ پنهنجي خطبن ۾ صحت مند خاندان جي فروغ لاءِ حصيدار بڻايو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته عالم سڳورا پنهنجي جمعي جي خطبن ۽ ميڊيا پنهنجي ٽ??ڪ شوز ۾ خانداني منصوبابندي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن صوبائي حڪومتن کي جامع سوچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هو خانداني منصوبابندي جي باري ۾ پنهنجي حڪمت بابت پنهنجي مهارتن، تحقيق ۽ تجربن کان هڪ ٻي کي آگاهه ڪن، هن عالمي ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي قومي صحت وا??ي وزارت ۽ يو اين ايف پي اي جي واکاڻ ڪئي.