اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان اسلام احترام قانون ۽ اسلامي رياست ۾ غير ??سلمانن جي حقن جي تحفظ جي روايت جي موضوع تي معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر قاري اڪرام الحق جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عدل انصاف ۽ مظلوم جي داد رسي جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوالن جي روشني ۾ اسلامي رياست جي پنهنجي غير ??حسن ماڻهن جي باري ۾ ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسلامي رياستن ۽ معاشري خاص طور گهڻ رخي سماجي هوندا آهن، جتي جا ماڻهو مسلمانن سان گڏوگڏ غير ??سلم به ٿي سگهن ٿا، اسلامي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ذميداري ڏني آهي، ان حوالي سان حضور صه ﷺ ۽ پوءِ خلفاءِ راشدين جي دور جا بي شمار مثال موجود آهن، هن چيو ته پاڻ سڳورن فرمايو ته اسلامي رياست ۾ غير ??سلمان ماڻهن جا به حق ۽ ذميداريون آهن، انهن کي پنهنجي مذهبي معاشرتي ۽ ٻين معاملن جي آزادي حاصل آهي، هن چيو ته عالم اسلامي تعليم ۽ تاريخي حوالن جي روشني ۾ غير ??سلمانن جي حقن جي تربيت ڏيندا آهن جنهن موجب اها اسلامي رياست جي ذميداري آهي ت?? هو پنهنجي غير ??سلمانن جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن کي ٻاهرين خطرن کان به تحفظ فراهم ڪن. هن چيو ته حضور صه ﷺ جو فرمان آهي ت?? اسلامي رياست ۾ قاعدن ۽ قانونن تحت رهندڙ ڪنهن غير ??سلم ڪنهن ماڻهو کي قتل ڪرڻ وار?? جنت جي خوشبوءَ به نٿا حاصل ڪري سگهن، هن قانون جي پابندي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، ان موقعي ت?? ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ت?? ڊاڪٽر صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.