ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ رو??ي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ رو??ي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار ??ستقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ رو??ي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو رو?? جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.