اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسل??مي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود ا??رفي سندس استقبال ڪيو. ان ??وق??ي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود ا??رفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رکن ٿا. هن چيو ته مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خصوصي نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ??رڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان ??وق??ي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ??رڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.