اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مسلمان امت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، او آءِ سي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت آهي، اسان کي فلسطين ۽ ڪشمير ۽ ميانمر جي مسلمانن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اس??ام?? فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي انتطامن ۽ انعقاد تي ذاتي دلچسپي ورتي. هن چيو ته اج??اس ۾ اسان 800 نمائندن جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ خاص طور تي سيڪريٽري جنرل جي معاونت تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته چيني پرڏيهي وزير اسان ج?? خصوصي دعوت تي آيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته چين مسلمان دنيا سان رابطن جي فروغ جو خواهشمند آهي. چين مسلمان ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آرمڊ فورسز هن اج??اس جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آئون انهن جا به ٿورا ادا ڪرڻ ضرور سمجهان ٿو. هن چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي ضرورت آهي. هن چيو ته امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جلد هڪ پيپر شيئر ڪندو. ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي تي کلي ڳالهه ڪئي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف و??زين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ مسلمان امت کي تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ??ي ضرورت آهي، پاڪستان انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته مون کي بطور چيئرمين اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن ڊسمبر ۾ اسان گڏ ٿياسين ته اسان جو افغانستان جي حوالي سان موقف و??ضح هو ۽ اسان کي ڪاميابي ملي جڏهن ته هن اج??اس ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اج??اس ۾ اسان ڪيترائي فيصلا ڪيا، اسان قراردادن کان وڌي ايڪشن پلان جوڙيو. مون کي اميد آهي ته نيويارڪ، جنيوا ۽ جده ۾ اسان جا نمائندا ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف و??زين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اج??اس منعقد ڪندا رهندا. پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي پوزيشن واضح آهي. اسان گذريل سال رمضان المبارڪ دوران مسجد اقصيٰ جي المناڪ واقعي کانپوءِ ٻين پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد پڌرنامو اڄ جي اج??اس جو مرڪزي حاصل آهي. ڪشمير تي ڀرپور قرارداد سامهون آئي. ڪشمير مسئلي تي گڏيل پڌرنامو ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اج??اس کانپوءِ سامهون آيو. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ قائم فنڊ جي چارٽر تي صحيحون ٿيون. ان اج??اس جي حاصل ۾ خصوصي نمائندي جي مقرري، رحمت للعالمين ٽرسٽ جو قيام ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قرارداد ذڪر جوڳي آهي. 9 مارچ تي ڀارت پاران فضائي حدن جي خلاف و??زي کانپوءِ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پنهنجي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جو مطالبو ڪيو. مون انهن کي ٻڌايو ته حادثاتي ميزائل فائر حادثاتي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان مسلمان امت ۾ تڪرارن جي حل لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ وزارتي اج??اس گهرائڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان 140 قراردادون سامهون آيون جڏهن ته 20 قراردادون پاڪستان پاران يا پاڪستان جي حصيداري سان پيش ڪيون ويون. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس ۾ يوڪرين جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انساني جانين جي زيان جي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن جي روشني ۾ امن جي ڪوششن ۾ حصيداري جي لاءِ راضي آهي. او آءِ سي نمائندن يوڪرين جنگ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اج??اس ۾ يوڪرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ريليف ڪوريڊور جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته يو اين قراردادن جي باوجود ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف و??زين جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اس??ام?? فوبيا جي خلاف متفقه قرارداد خوش آئنده آهي جڏهن ته اسلام فوبيا جي حوالي سان خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه او آءِ سي اج??اس جي ڪامياب انعقاد ۽ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته اس??ام?? فوبيا جي حوالي سان پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. جڏهن ته او آءِ سي گڏيل قومن سان گڏجي اس??ام?? فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي جي مقرري ۽ افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ اسان جي ڪاميابي آهي. ان سلسلي ۾ نائجيريا کان فنڊ جي لاءِ اٽڪل هڪ ملين ڊالر ملي چڪا آهن. سيڪريٽري جنرل ٻين ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي به ان ۾ پنهنجو حصو وجهن. حسين طحه چيو ته او آءِ سي اج??اس جي ايجنڊا ۾ فلسطين سرفهرست هو. اج??اس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان تفصيلي بحث ٿيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت کي ورجايون ٿا. هن چيو ته اڪثر ميمبر ملڪن کي هن وقت دهشتگردي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ ڀرپور تعاون ??ي ضرورت آهي.