اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آ??يس??ن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پ??لي??ي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته م??بوط پرڏيهي پ??لي??ي تي ع??ل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه م??مود قريشي پرڏيهي پ??لي??ي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پ??لي??ي، سينٽرل ايشيا ويزن پ??لي??ي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي ع??لدارن جي واکاڻ ڪئي.