اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب ليجنڊري فنڪار معين اختر جي 11 هين ورسيءَ تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته معين اختر مرحوم هڪ ??اڪمال فنڪار ۽ ٻين جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ انتهائي نفيس انسان ??و، سنجيده يا مزاحيه هر ڪردار ا??ين نڀايو جو ان جي مداحن جي ذهن ۽ دل ۾ اڄ به زندهه آهي. هن چيو ته ميزباني سان صداڪاري ۽ گلوڪاري، تصنيف کان پروڊڪشن ۽ هدايتڪاري تا??ين فن جي هر شعبي ۾ هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، ڪردار ۾ معين اختر کي گم ڪري ڇڏيندڙ معين اختر اسان جي يادن مان به ڪڏهن به گم نه ٿيندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين ۽ مداحن کي صبر جميل ڏي.