مدينه منوره – 28 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شه??اد?? محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي مدينه منوره پهچي ويو. مديني جي گورنر فيصل بن سلمان السعود اعليٰ سعودي عملدارن سان گڏ هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نواب??اد?? شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهرين غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي عهد شه??اد?? محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پا??ستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم روضه ﷺ تي حاضري ڏيندو ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪندو. ان موقعي تي ٻئي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پا??ستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. پا??ستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.