لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو ??شا??و بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، س??د رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نوا??، حمزه شهباز انتقام جو ??شا??و بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريا?? ٿو. هن چيو ته الله جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي الله جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شهباز ??ري?? چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شهباز ??ري?? چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم شهباز ??ري?? سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شهباز ??ري?? ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شهباز ??ري?? ۽ حمزه شهباز عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.