لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي مالي ۽ انتظامي مع??مل?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي گذريل دوري دوران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ پي ڪي ايل آئي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو قيام، 50 سيڪڙو مستحق مريضن جو مفت علاج، مفت علاج سڀني جي لاءِ ۽ پي ڪي ايل آئي ٽرسٽ جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي شعبن کي مرحليوار فعال ڪيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جيڪي منصوبا تعطل جو شڪار رهيا انهن کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي کي فنڊز جي فر??هم?? 10 جولاءِ تائين يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم ايندڙ مهيني تائين مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ قابل ۽ ??هل پرائيويٽ ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مع??مل?? کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. وزيراعظم نئين چونڊيل پي ڪي ايل آئي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر کي مبارڪباد ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي مالي مع??مل?? کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت ر??ند?? مشاورتي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. مريضن جي اسڪريننگ سينٽرز کي پوري پنجاب ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي طبي سهولتون انهن جي درن تي فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي پي ڪي ايل آئي جي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته مصر وانگر پاڪستان به جلد هيپاٽائيٽس سي جهڙي موذي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري سيڪريٽري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پي ڪي ايل آئي جي لاءِ مخصوص فنڊز 10 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا.