اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي م??تسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي م??تسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب چوڌري م??مد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي ل??ءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي م??تسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي م??املن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب کي م??ورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي ل??ءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي م??ورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي ل??ءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي م??تسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.