اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحو?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي ??هرو ڏک ٿيو، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلا?? جي محققين مان هڪ هو. وزيراعظم چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئلڳي قابل ر??ل ماڊل آهي. اسان جون سموريون همدردي??ن مرحو?? جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي.