اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان ق??ئم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذم??وا??و ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان ق??م ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.