اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ايف آر سي سي موجب دوري دوران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي لاءِ ??ستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آبادي جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي لاءِ خوراڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهمي جي منصوبن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي لاءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان قومي آفت دوران سول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آرمڊ فورسز بشمول پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور سان گڏجي ه??يا??بند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي ??ار??هيو. بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ ??ار??نڀال جي لاءِ اين ايڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان آرمي جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري سان ڪم کي ??ار??هيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آهي جيڪي ان قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم هاءِ ??ي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ??ار??هيو ۽ چيو ته اسان هڪ ٺوس قومي ڪوشش ذريعي ئي ان قدرتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته اسان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ ??ڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چئلينج تمام وڏو آهي ??ر هي ??تحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل دوران پاڪستان سان رابطو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت سان مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن تي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا.