اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ م??اث??ن کي صحت ??ي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عم??ي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آ??يو??. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب م??اث?? ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳائي رهيا آ??يو??. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آ??يو??. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ?? 16 ??يلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.