آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقست??ن جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقست??ن جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقست??ن جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ??نهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي رفتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪست??ن جا خصوصي اقتصادي زونز قازقست??ن جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقست??ن جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.