مدينه منوره – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي ڪامياب دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده م??مد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ۽ فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. وزيراعظم مڪه المڪرمه ۾ عمري جي سعادت ح??صل ڪئي ۽ مدينه منوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪئي. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي جي خاص زيارت ڪرائي وئي.