اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختي??ري و??ري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکندو، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 27 آڪٽوبر جو ڏينهن اسان ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت پنهنجي قابض فوج ذريعي ڪشمير تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪ??ري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين ج??ري آهي، ڀارت هر ايندڙ ڏينهن والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ته ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ڪشميرين جي عزم، ه??ت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختي??ري و??ري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکندو.ڪشمير جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پاڪستان جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿو، ڪشميرين پنهنجي حقن لاءِ رت کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت ڪشميرين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا هٿيار آزمائي چڪو آهي پر هو ڪشميرين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. قمر زمان ڪائره چيو ته انشاءُ الله اسان جا ڪشميري ڀائر جلد پنهنجي خودمختي??ري وارو حق حاصل ڪندا ۽ پنهنجي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ته موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ته اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ج??ري رکنداسين.