اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ سميت جتان مرضي جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ڪرائي، اسان جي شرط رڳو اها آهي ته عمر??ن خان پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيندو ۽ الزامن جا ثبوت فراهم ڪندو، پاڪستان جي عوام رڍون ٻڪريون نه آهن جو عمر??ن خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ اهي ان کي سچ سمجهي وٺندا، اهو وقت ختم ٿي چڪو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمر??ن خان جي لانگ مارچ ۾ ڪالهه جي واقعي جي سمورين اتحادي پارٽين مذمت ڪئي، اسان پاڪستان جي سياسي ميدانن کي خوني ميدان بڻجڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي سياست اهڙي طرح جي واقعن کي برداش?? نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست رت وهائي نه ٿي ڪري سگهجي، وزيراعظم شهباز شريف سڀ کان اڳ عمر??ن خان جي لانگ مارچ تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي جاچ ۾ پنجاب حڪومت کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪري. هن چيو ته بقول ڊاڪٽر، عمر??ن خان کي چار گوليون لڳيون، ان جي ٽنگ جي هڏي ۾ فريڪچر ٿيو، ان افسوسناڪ واقعي ۾ هو زخمي ٿيو، عمر??ن خان جو هڪ آپريشن به ٿيو آهي ۽ اڄ عمر??ن خان صاحب کي ٽي وي تي ڏسي اطمينان ٿيو. هن چيو ته عمر??ن خان شوڪت خانم جي وسيلن کي پنهنجي سياست جي لاءِ اهڙي طرح استعمال ڪيو جهڙي طرح هن فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪري خيرات جو پئسو پنهنجي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمر??ن خان بيماري جي حالت ۾ به ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏيو، هي ڊرامو ۽ ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿو، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عمر??ن خان ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ عوام ان کي سچ سمجهي وٺندي، اهو وقت هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان جو نظريو رهيو آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو اهو سچ لڳڻ لڳي، هي پنهنجي ڪهاڻي اتان شروع نه ٿو ڪري جڏهن 2018ع ۾ آر ٽي ايس ويهاري کيس مڙهيو ويو هو، عمر??ن خان پنهنجي چار سالن ۾ ملڪ ۾ معاشي تباهي ڪئي، غريب جو پيٽ ڪاٽيو، غريب کي غريب تر ڪيو، دوست ملڪ ناراض ڪيا، ان جي دور ۾ مافياز جو راڄ هو، اٽو، کنڊ، بجلي، گئس، دوائون چوري ڪري ڌاڙا هنيا ويا، عمر??ن خان پنهنجي ڪهاڻي ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر نه ٿو ڪري. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي ڪهاڻي 7 مارچ کان شروع ڪري ٿو جڏهن هن بي اعتمادي ر?? کي ناڪام بڻائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف کي بند ڪمري ۾ تاحيات اڻڄاتل مدي جي لاءِ توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ته عمر??ن خان موجب کيس 7 مارچ تي سائفر جي اطلاع ملي ته هن 8 مارچ تي ڇو نه ٻڌايو ته ٻاهرئين سازش ٿي ر??ي آهي؟ عمر??ن خان کي جڏهن خبر هئي ته ٻاهرئين سازش ٿي ر??ي آهي ته هن اسيمبليون ڇو نه ختم ڪيون؟ ڇو چونڊن جو اعلان نه ڪيو، عمر??ن خان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ ادارن کي منٿون ڪندو رهيو. جڏهن ادارن فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي سياست ۾ ادارن جي ڪا مداخل?? نه هوندي ته هي شخص ان جي خلاف ٿي ويو. مريم اورنگزيب چيو ته عمر??ن خان ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڊرامو رچايو، ان جو سائفر، آمريڪي سازش، ٻاهرئين ملڪ سازش، رجيم چينج جو بيانيو ناڪام ٿي ويو، آڊيو ليڪ ۾ عمر??ن خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، هن پنهنجي مفاد خاطر سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، عمر??ن خان جي اها ڪهاڻي ان جي زباني پاڪستان جي عوام ٻڌي آهي. هن چيو ته عمر??ن خان سينيٽ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چونڊن ۾ ضميرن جا سودا ڪيا، آڊيو ليڪ ۾ عمر??ن خان چيو ته مون ٻه ميمبر خريد ڪري ورتا آهن ۽ ٻن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، عمر??ن خان اهو به چيو ته غلط آهي يا صحيح آهي ان جي پرواهه نه ڪريو، ماڻهو خريد ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ڪنهن سوداگيري ڪئي آهي ته اها عمر??ن خان ڪئي آهي، عمر??ن خان ضميرن جا سودا ڪيا ۽ ٻين تي الزام هڻندو رهيو. هن چيو ته عمر??ن خان چوي ٿو ته مون کي خبر هئي ته مون تي قاتلاڻو حملو ٿيڻو آهي، عمر??ن خان ڪڏهن چوي ٿو ته چئن ماڻهن منهنجي خلاف سازش ڪئي، پوءِ چوي ٿو ته چار نه ٽي ماڻهو آهن، عمر??ن خان بيانيو گهڙيو ته مون کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، عمر??ن خان کي جيڪڏهن خبر هئي ته ان جي خلاف قاتلاڻي حملي جي سازش ٿي ر??ي آهي ته هن معصوم ماڻهن جي جانين جو نقصان ڇو ڪيو؟ جڏهن عمر??ن خان کي خبر هئي ته اهڙي قسم جو واقعو ٿيڻو آهي ته پنجاب حڪومت کي ڇو نه ٻڌايو؟ مقتول معظم جا ٻار پنهنجي والد جو رت ڪنهن جي هٿ تي تلاش ڪن؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪالهه جي واقعي ۾ 14 ماڻهو زخمي ٿيا، عمر??ن خان کي لڳندڙ چار گولين جي آپريشن به ٿي وئي، هو هوش ۾ به اچي ويو پر ان سان گڏ زخمي ٿيندڙ ٻيا 14 ماڻهو شوڪت خانم اسپتال ۾ د??خل آهن.؟ ڇا انهن ماڻهن وٽ پنهنجي علاج جي لاءِ خرچ آهي؟ وزيراعظم انهن ماڻهن جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو آهي پر عمر??ن خان انهن ماڻهن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو ڪهڙي اسپتال ۾ د??خل آهن؟ عمر??ن خان پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر تائين نه ڪيو. هن چيو ته عمر??ن خان الزام هڻي ر??يو آهي ته ٽن ماڻهن ان تي قاتلاڻي حملي جي سازش ڪئي، عمر??ن خان الزام ته هڻي ر??يو آهي پر ڪنهن قسم جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان اڳ ۾ به شهباز شريف تي ڪرپشن جا الزام هنيا، راڻا ثناءُ الله تي قتل جو الزام هنيو ۽ پرچو هيروئن رکڻ جو ڪاٽيو ۽ پوءِ هڪ ثبوت تائين پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عمر??ن خان جو، گهرو وزير عمر??ن خان جو، پوليس عمر??ن خان جي، لانگ مارچ واقعو به پنجاب جي اندر ٿيو، جوابدار کي پنجاب پوليس گرفتار ڪيو، پنجاب جي پوليس جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرائي ميڊيا کي ر??ليز ڪيو، ان جي باوجود عمر??ن خان چوي ٿو ته واقعي جي جاچ ان وقت تائين نه ٿي ٿي سگهي جيستائين ٽي ماڻهو استعيفيٰ نه ٿا ڏين. هن چيو ته واقعو پنجاب ۾ ٿئي ٿو جنهن جي ذميوار به پنجاب حڪومت آهي ۽ عمر??ن خان استعيفيٰ اسان کان گهري ر??يو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان واقعي جي جاچ دنيا جي ڪنهن به ايجنسي کان ڪرائي، پنجاب جي اندر فرانزڪ ليب کان ڪرائي پر جاچ ۾ پيش ضرور ٿئي. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي کانپوءِ عمر??ن خان ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪري علاج جي لاءِ شوڪت خانم اسپتال ويو، پنجاب حڪومت جي ڪنهن اسپتال مان ميڊيڪو ليگل نه ڪرايو ۽ نه ئي ڪنهن جڳهه پوليس کي پهچ ۽ بيان ڏنو. هن چيو ته عمر??ن خان ٻن چينلز جي ڪئميرائن آڏو اچي ويهي الزام هڻندو رهيو، عمر??ن خان 8 سالن ک??ن خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري ر??يو آهي، چار سالن تائين وفاق ۾ حڪومت ڪندو رهيو، هن پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف الزام هنيا پر هڪ ثبو?? نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عمر??ن خان فرح گوگي، بشريٰ بي بي، ان جي ڌاڙن، زمينن ۽ هيرن جا سودا، ڪرپشن، فارن فنڊنگ تي پڙدو وجهڻ چاهيندو هو، توشه خانه جو رڪارڊ موجود آهي، رڪارڊ موجب عمر??ن خان 5 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جي هيرن جو سيٽ وصول ڪيو، عمر??ن خان گهڙيءَ خريد ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي، ان جي وزيرن به توشه خان مان ڌارا هنيا، عمر??ن خان 5 ملين ڊالر ماليت جو سيٽ فرح گوگي جي هٿان وڪرو ڪرايو. هن چيو ته عمر??ن خان سائفر، فارن فنڊنگ، توشه خانه، مني لانڊرنگ جي ڪيسز ۾ مفرور آهي ۽ ٻين کي چور چوي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان جي واتان صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي ليڪچر سٺو نه ٿو لڳي، سندس دور ۾ صحافت ڪارو دور ڏٺو آهي، هن چار سالن تائين صحافين تي پابنديون هنيون، مير شڪيل الرحمان کي جيل ۾ وجهي ميڊيا جو وات بند ڪرڻ جو پيغام ڏنو، صحافين جا قلم کسي انهن جا پروگرام بند ڪرايا، عمر??ن خان کي عالمي صحافتي ادارن پريڊيٽر چيو. هن چيو ته عمر??ن خان چوي ٿو ته ڇهه مهينن ۾ ان سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن سان ناهي ٿيو، ڇا عمر??ن خان صاحب توهان جي ڌيءَ کي گرفتار ڪري توهان سان گڏ جيل ۾ بند ڪيو ويو؟ ڇا توهان جي پٽن کي گرفتار ڪري موت جي سزا جي چڪين ۾ وڌو ويو؟ هن چيو ته عمر??ن خان ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن جي عزت خراب ڪري ٿو، عمر??ن خان سمجهي ٿو ته هو عوام کي بيوقوف بڻائي وٺندو، ائين هرگز نه ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان تي قاتلاڻو حملو پنجاب ۾ ٿيو جتي ان جي پنهنجي حڪومت آهي ۽ هو استعيفيٰ شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ هڪ فوجي آفيسر کان گهري ر??يو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي گهرائي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ کيس پاڻ به شامل ٿيڻو پوندو، هو جيڪي الزام هڻي ر??يو آهي انهن جو ثبوت به کيس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عمر??ن خان ننڍڙين ننڍڙين ٽولين سان وفاق تي حملو ڪرائڻ چاهي ٿو، اڄ جا منظر ميڊيا تي ويا آهن اهي عمر??ن خان جي فيٽف مان پاڪستان جي نڪرڻ جي خلاف جنگ آهي. هن چيو ته عمر??ن خان شدت پسندي جي ذريعي ملڪ کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بشريٰ بي بي عمر??ن خان جي سياست ۾ اسلامي ٽچ ڏيڻ جو چيو ۽ سياسي مخالفن کي غداري سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پنجاب حڪومت قانون موجب ڪالهه جي واقعي جي جاچ ڪري. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ نه پر هو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمر??ن خان پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر د??خل ڪرائڻ چاهي ٿو، هو پوليس آفيسرن تي دٻاءُ وجهي ر??يو آهي، ان جي ڪارڪنن ٿاڻن ۾ ڌارا هنيا ۽ چيو ته عمر??ن خان جي خواهش تي ايف آءِ آر د??خل ڪئي وڃي. هن چيو ته عمر??ن خان جي خواهش تي پنجاب جو قانون نه هلندو، پنجاب جو قانون حقيقتن تي هلندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان جتان مرضي جاچ ڪرائي پر ان جاچ ۾ پيش ضرور ٿئي، جيڪي الزام هو هڻي ر??يو آهي ان جو ثبوت ضرور ڏي. هن چيو ته عمر??ن خان کي خبر آهي ته جيڪڏهن واقعي جي جاچ ٿي ته ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويندو. هن چيو ته عمر??ن خان مذهب ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪري، هن ملڪ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، سياست ڪريو، سياسي ۽ ملڪ دشمني نه، هو ملڪ س??ن خطرناڪ راند کيڏي ر??يو آهي، جيڪو کڏو هو ٻين جي لاءِ کوٽي ر??يو آهي ان ۾ پاڻ ڪرندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي انتهاپسندي، انتشار، عدم برداشت تي گڏجي ويهڻو پوندو، ملڪ انهن خطرن کي برداش?? نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ گهيراءُ ڪيو ويو، هوٽلن جا شيشا ٽوڙيا ويا، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عوام انهن جي خطرناڪ راند جو حصو نه بڻجي، هي شخص پنهنجي پاگل پن ۽ ذهني مرض ۾ مبتلا آهي. هن 2014ع ۾ به سپريم ڪورٽ، پارليامينٽ، پي ٽي وي تي حملا ڪيا ۽ هاڻي ٻيهر اهو ئي عمل ورجائي ر??يو آهي. هن چيو ته عمر??ن خان جو جتي دل ڪري ٿو جاچ ڪرائي پر ان جاچ جو حصو ضرور بڻجڻو پوندو، وفاق ان ۾ ڀرپور تعاون ڪندو.